اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر عالمي برادري تي زور ڏيندي چيو آهي ته مشڪل جي ان گهڙي ۾ افغانس??ان جي عوام جي امداد وقت جي اهم گهرج آهي، افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغان عوام لاءِ ضروري آهي پر پاڪس??ان جي وچ او??ر جي ملڪن تائين واپار لاءِ پهچ لاءِ به ضروري آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانس??ان جي حوالي سان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل (اي آءِ سي سي) جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف، وزيراعظم جي خصوصي مددگار شهزاد ارباب ۽ افغانس??ان جي لاءِ خصوصي نمائندي محمد صادق سميت لاڳاپيل سر??اري ادارن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس جي آغاز تي قومي سلامتي واري صلاحڪار ڊاڪٽر معيد يوسف قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي آجيان ڪئي ۽ ان کي افغانس??ان ۾ بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪردار ۽ افغان عوام جي لاءِ ان فورم ??ان انساني امداد جي حوالي سان هن وقت تائين کن??ل قدمن جي حوالي سان بريفنگ ڏني. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي ٻڌايو ويو ته وزيراعظم پاران افغان عوام جي امداد لاءِ پنج ارب روپين جو پيڪيج جو اعلان ڪيو هو، جنهن ۾ روز مره استعمال جون شيون، زندگي بچائڻ واريون دوائون، ڪمبل، خيما ۽ سردي کان بچاءُ لاءِ ٻيون شيون به شامل هيون. اهڙيون عالمي غير سر??اري تنظيمون جيڪي ??فغانس??ان ۾ انساني امداد جي تحت طبي ڪاروباري ۽ ٻيا خصوصي قدم کڻڻ جو ارادو رکنديون آهن انهن جي لاءِ ويزا جاري ڪرڻ جو عمل شروع آهي ته جيئن هو عالمي غير سر??اري تنظيمون افغان عوام جي لاءِ انساني امداد لاءِ پنهنجون ڪوششون استعمال ۾ آڻي سگهن، اهڙي طرح افغانس??ان واپسي لاءِ هن وقت تائين ڦاٿل مريضن جي لاءِ سهولتن جي آڇ به ڪئي وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته غير ملڪي ??يڙپڪارن کي ڊگهي مدي واري قيام لاءِ هڪ تجويز وزيراعظم کي منظوري لاءِ موڪلي وئي آهي. اهڙي طرح پشاور جلال آباد ۽ ڪوئيٽا قنڌار جي وچ ۾ بس سروس شروع ڪرڻ جي حوالي سان ڪم جاري آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اعليٰ سطحي آفيسرن جو هڪ وفد افغانس??ان جو دورو ڪندو ۽ افغان حڪومت سان گڏجي امدادي سر??رمين بابت رخن جو جائزو وٺندو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر افغان بين الوزارتي ڪوآرڊينيشن سيل جي ڪارڪردگي کي ساراهيو ۽ چيو ته ان فورم پاران پاڙيسري ملڪ جي امداد لاءِ ڪوششون واکاڻ جوڳيون آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مشڪل جي وقت ۾ عالمي برادري کي افغانس??ان جي عوام کي بي آسرو نه ڇڏڻ گهرجي. هن چيو ته افغانس??ان ۾ امن ۽ استحڪام نه رڳو افغانس??ان جي عوام لاءِ ضروري آهي پر وچ او??ر تائين پاڪس??ان جي پهچ لاءِ به ضروري آهي.