اسلام آباد – 04 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم جسٽس (ر) ناصرالملڪ وا??ار??ل ڪشمير جي عوام جي پنهنجي جائز خو??مختي??ري جي حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ۾ پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت کي ورجائيندي چيو آهي ته عالمي برادري کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ذريعي ڪشميري عوام سان ڪيل واعدو پورو ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. هن اها ڳالهه آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيراعظم راجا فاروق حيدر سان ڳالهائيندي چئي جنهن وزيراعظم آفيس ۾ ساڻس ملاقات ڪئي.