اسلام آباد – 12 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم ??مران خان چيو آهي ته ڪورونا وبا جي دوران اسان جي حڪومت جو ڌيان ماڻهن جون زندگيون بچائڻ، معاش جي ذريعن ۽ معيشت کي فروغ ڏيڻ تي رهيو آهي، ان سلسلي ۾ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي ۽ ٻين قدمن جي ڪري پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ڦهلاءُ جي روڪٿام ۾ نمايان ڪاميابي ملي آهي، پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مختلف ??عبن ۾ گڏيل مفاد تي ٻڌل تعاون کي فروغ ڏيڻ جي وسيع گنجائش موجود آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن آسٽريليا جي وزيراع??م اسڪاٽ موريسن سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو.