اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) موجوده ح??ومت تعميراتي شعبي ۾ تاريخي پئڪيج ڏنو آهي جنهن سان نه ??ڳو گهٽ آمدني وارن ماڻهن کي پنهنجو گهر ٺاهڻ جو خواب پورو ڪرڻ ۾ مدد ملندي پر ملڪ ۾ تعميرات ۽ ان سان واڳيل صنعتن جي فروغ سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ لکين ماڻهن جي لاءِ روزگار جا م??قع?? پيدا ٿيندا. وزيراعظم آفيس پاران سوشل ميڊيا تي جاري پيغام موجب وزيراعظم عمران خان پاران اعلان ڪيل تاريخي تعميراتي پئڪيج جو مقصد گهٽ آمدني وارن ماڻهن جي لاءِ ڇت حاصل ڪرڻ آسان بڻا??ڻ آهي. ان مقصد جي لاءِ 5 مرلي جي گهر تي ??ڳو 5 سيڪڙو مارڪ اپ، 10 مرلي جي گهر تي ??ڳو 7 سيڪڙو مارڪ اپ ورتو ويندو. جڏهن ته بئنڪن پاران 130 ارب رپيا تعميراتي شعبي جي لاءِ رکيا ويا آهن. تعميراتي پئڪيج سان نه ??ڳو عام ماڻهو کي گهر ٺاهڻ ۾ سهولت ملندي پر ملڪ ۾ ڪيترين ئي صنعتن جو ڦيٿو پڻ هلندو جنهن سان روزگار جا ڪيترائي م??قع?? پيدا ٿيندا. ڏهاڙي تي ڪم ڪندڙ مزدور طبقي جو وڏو انگ اهڙو آهي جنهن جو دارومدار تعميراتي شعبي سان واڳيل آهي.