اسلام آباد – 30 جون (اي پي ??ي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته عالمي ٻاڙائي ۽ ملڪي معاشي چئلينجن جي تناظر ۾ ٽيڪس فري ب??يٽ وزيراعظم عمران خان جي عوام دوستي جو ثبوت آ??ي، بجيٽ ۾ تجويز ڪيل قدمن سان معيشت جو ڦيٿو هلندو ۽ روزگار جا نوان رستا کلندا. سينيٽر شبلي فراز پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته 41 ووٽن جي اڪثريت سان بجيٽ منظوري واضح ثبوت آ??ي ته پي ??ي آٰءِ ۽ اتحادي عمران خان جي قيادت ۾ متحد ۽ هڪ آهن، مخالف ڌر غير يقيني جو ماحول پيدا ڪري عوام ۾ مايوسي پک??ڙڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي.