اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عالمي اڳواڻن، گ??يل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سربراهن کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا وائر?? جي صورتحال کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان سميت اسرندڙ م??ڪن کي قرضن ۾ رليف فراهم ڪن. عالمي برادري کي پنهنجي خطاب ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ڪورونا جي صورتحال سا?? پوري دنيا متاثر ٿي آهي پر ترقي يافته ۽ ترقي پذير ملڪن ۾ ان حوالي سا?? جدا ردعمل آيو آهي، ترقي يافته ملڪن وٽ وسيلن ۽ پئسي جي کوٽ نه آهي ۽ اهي وڏي رقم خرچ ڪري صورتحال جو مقابلو ڪري رهيا آهن پر اسرندڙ م??ڪن ۾ لاڪ ڊائون ۽ معاشي سرگرميون نه ٿيڻ سا?? عوام کي بک ۽ سخت معاشي مسئلا درپيش آهن.