اسلام آباد – 25 جنوري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??فاقي وزير چوڌري ??واد حسين چيو آهي ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي رپورٽ ۾ مالي ڪرپشن جو ڪو ذڪر نه آهي، پاڪستان ۾ رول آف لاء تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، ستين آدمشماري ??ن سال ڊسمبر تائين مڪمل ٿي ويندي، آدمشماري جي ??اء?? 5 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي آهي، ايندڙ چونڊون نئين تڪ بندين تي ٿينديون، اسحاق ڊار جعلي طريقي سان رپئي جي قدر کي ??ستحڪم رکيو، اڄ رپيو اسٽيٽ بئنڪ جي بهتر پاليسين ۽ پنهنجي اصل قدر تي مستحڪم آهي، ملڪ ۾ پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ ڪا گهٽتائي نه آهي، اوورسيز پاڪستانين پاران موڪليل مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 سيڪڙو اضافو ٿيو، هيستائين 15.8 بلين ڊالر جو پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو پاڪستان آيو، ساڍي 3 هزار ارب رپيا اوورسيز پاڪستاني موڪلي چڪا آهن، ڪابينا ڪريمنل لا ترميم جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت هر فوجداري ڪيس جو فيصلو 9 مهينن ۾ ڪرڻ لازمي هوندو، 9 مهينن ۾ فيصلو نه ڪرڻ تي مئجسٽريٽ يا جج التوا جي سبب کان آگاهه ڪندو، پوليس کي ضمانت جو اختيار ڏنو پيو وڃي، ڪريمنل ڪيسن ۾ پلي بارگين کي شامل ڪري رهيا آهيون، ايس ايڇ او جي تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ بي اي لازمي هوندي، پراسيڪيوشن جي دائري اختيار کي ??ڻ وڌايو پيو وڃي، وفاقي ڪابي??ا کي اوميڪرون جي موجوده لهر جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، اوميڪرون جي ڪيسز ۾ ڪيترائي ڀيرا اضافو ٿيو جڏهن ته هاسپٽلائيزيشن ريٽ گهٽ آهي، اسان جي هيلٿ سسٽم تي ڪو دٻاءُ نه آهي، وبا جي دوران سمورو ڪاروبار کليل رکيو ويندو، سموريون سرگرميون جاري رهنديون. وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ڪابي??ا کي ملڪ ۾ اوميڪرون جي ڦه??اء?? جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني. موجوده ڪيسز جي انگ ۾ اضافو ڏٺو ويو آهي جڏهن ته هاسپٽلائيزيشن جي شرح گهٽ آهي. هن چيو ته ڪورو??ا کان بچاءُ جي ??اء?? ويڪسي نيشن ضروري آهي، جن ماڻهن ويڪسي نيشن ڪرائي آهي، اهي نئين لهر کان متاثر نه ٿيندا. هن چيو ته ڪابينا ان عزم کي ??رجايو ته حڪومت اهڙا قدم کڻڻ کان پاسو ڪندي جنهن سان ڪاروباري ۽ معاشي سرگرمين کي ??قصان پهچي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسان فيصلو ڪيو آهي ته موجوده وبا دوران ڪاروبار بند نه ڪيو ويندو جڏهن ته سموريون سرگرميون جاري رهنديون. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان ڪورونا جي حوالي سان جيڪا حڪمت عملي اختيار ڪئي اها ڪامياب رهي، دنيا جا ٻيا ترقي يافته ملڪ سمارٽ لاڪ ڊائون طرف اچي رهيا آهن، برطانيا جي وزيراعظم بورس جانسن پڻ سمارٽ لاڪ ڊائون جي حڪمت عملي اختيار ڪئي. هن چيو ته جڏهن ڪورونا وبا عروج تي هئي تهو زيراعظم عمران خان چيو ته اسان کي ??زدورن جو سوچڻو پوندو، انهن کي ??ه وساريو، عالمي رسالي اڪانومسٽ به اسان جي سمارٽ لاڪ ڊائون حڪمت عملي کي ساراهيو. هن چيو ته ڪورو??ا کي منهن ڏيڻ جي حوالي سان ڪاميابين جو سهرو وزيراعظم عمران خان ڏانهن وڃي ٿو. هن چيو ته الله تعاليٰ جي مدد سان ڪورونا جي موجوده لهر کي به شڪست ڏيڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين. هن ٻڌايو ته ڪابينا ٻاهرئين ملڪ ويندڙ پاڪستاني مزدورن جي سهولت ??اء?? ڪورونا ٽيسٽ جي فيس گهٽ ڪرڻ جي تجويز اقتصادي رابطا ڪم??ٽي ۾ پيش ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اطلاعات واري ??فاقي وير ٻڌايو ته ستين آدمشماري جي ??اء?? 5 ارب رپيا رکيا ويا آهن، آدمشماري ??ن سال ڊسمبر ۾ مڪمل ٿيندي ان کانپوءِ جنوري ۾ اليڪشن ڪميشن نيون تڪبنديون ڪري سگهندو. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ايندڙ چونڊون نئين تڪبندين تي ٿينديون. چوڌري ??واد حسين چيو ته ڪابينا ڪريمنل لا ترميم جي منظوري ڏني آهي جنهن تحت هر فوجداري ڪيس جو فيصلو 9 مهينن ۾ ڪرڻ لازمي هوندو، 9 مهينن ۾ فيصلو نه ڪرڻ تي مئجسٽريٽ يا جج کان دير جي سبب کان آگاهه ڪندو. هن چيو ته جيڪڏهن لاڳاپيل جج مناسب سبب بيان نه ڪري سگهيو ته ڪارروائي ٿيندي. هن ٻڌايو ته پوليس کي ضمانت جو اختيار به ڏنو پيو وڃي، ڪريمنل ڪيسن ۾ پلي بارگين کي به شامل ڪيو پيو وڃي ته جيئن مالي ڪيسن جو بار عدليه تي گهٽ ڪري سگهجي. هن چيو ته ايس ايڇ او جي تعليمي قابليت گهٽ ۾ گهٽ بي اي لازمي هوندي، پراسيڪيوشن جي دائري اختيار کي به وڌايو پيو وڃي. خودمختيار پراسيڪيوشن سروس قائم ڪئي پئي وڃي. ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ڪابينا جي اجلاس ۾ ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل رپورٽ تي پڻ ڳالهه ٻولهه ٿي. هن چيو ته رپورٽ ۾ پاڪستان جو اسڪور مالي ڪرپشن جي ڪري ??ه پر رول آف لاء جي ڪري ??يٺ ڪريو، اسان کي ??لڪ ۾ رول آف لاء تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي مڪمل رپورٽ اڃا شايع ناهي ٿي، ان ۾ فنانشل ڪرپشن جو ذڪر نه آهي. هن چيو ته مختلف ادارن ۽ اين جي اوز جي رپورٽس جي بنياد تي اها رپورٽ ٺاهي وئي آهي، سمورن ادارن پاڪستان جي رينڪنگ کي برقرار رکيو، رڳو اڪانومسٽ انٽيلي جنس ڪنٽري ??ونٽ درجابندي ڪيرائي آهي، چيڪ ڪري ??ٺو ان جو پاڪستان ۾ سربراهه ڪير آهي، ته توهان کي خبر پئجي ويندي ته ڇو ڪيرايو ويو آهي. هن چيو ته امير جي ??اء?? جدا قانون ۽ غريب جي ??اء?? جدا قانون آهي، ان کي ختم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته رول آف لاء ۽ اسٽيٽ ڪيپچر جهڙن معاملن ۾ سمورن ادارن کي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته ڪريمنل جسٽس ريفارمز سان رول آف لاء ۾ بهتري ايندي، هائي پروفائيل ۽ اهم ڪيسن جي ٻڌڻي سڌوسنئون ڏيکارڻ گهرجي ته جيئن ماڻهن کي خبر پئجي سگهي ته اهي ڪيس ڪهڙا آهن. هن چيو ته آصف زرداري جو اومني ڪيس، شهباز شريف جو ڪيس، عثمان مرزا، نور مقدم ڪيس جو ٽرائل سڌوسنئون نشر ڪيو وڃي، عوامي دلچسپي جي ڪيسن جو فوري ??يصلو ٿيڻ گهرجي، قانون جي بالادستي ۾ عدليه جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٽرانسپرنسي انٽرنيشنل جي مڪمل رپورٽ سامهون آئي ته ان تي اسان مڪمل جواب به ڏينداسين. هن وقت تائين رول آف لاء ۽ اسٽيٽ ڪيپچر جو معاملو آهي، ان تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته منصوبابندي واري ??زارت ڪابي??ا کي معاشي اشارين جي حوالي سان تقابلي جائزو پيش ڪيو. اسان جي روانگي واپار ۾ 29 سيڪڙو اضافو ٿيو جنهن ۾ سڀ کان وڏو حصو ٽيڪسٽائيل جو آهي جنهن جي روانگي واپار ۾ 88 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. هن چيو ته پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ 11.3 سيڪڙو اضافو ٿيو جيڪو 15.8 ارب ڊالر رهيو. 1.4 ارب ڊالر جي ڪوويڊ ويڪسين خريد ڪئي وئي، آءِ ٽي روانگي واپار ۾ 48 سيڪڙو، پرڏيهي ناڻي جي ذخيرن ۾ 17.1 سيڪڙو (24 ارب ڊالر)، اسٽيٽ بئنڪ جي پرڏيهي ناڻي جا ذخيرا 31.8 سيڪڙو (17.7 ارب ڊالر) اوڳاڙين جي وصولي جي شرح ۾ 32.5 سيڪڙو (2920 ارب رپيا) اضافو ٿيو. هن چيو ته پي ايس ڊي پي خرچن ۾ 18.1 سيڪڙو (274 ارب رپيا) اضافو ٿيو. فارن ڊائريڪٽ انويسٽمينٽ ۾ 20 سيڪڙو، نجي ڪاروبارن کي ??رضن جي فراهمي ۾ 267 سيڪڙو اضافو ٿيو، نجي ڪاروبارن جي ??اء?? 904 بلين رپين جا قرض جاري ڪيا ويا. هن چيو ته فصلن جي رڪارڊ پيداوار ٿي، چانور جي 4.8 سيڪڙو، ڪپهه 19 سيڪڙو، ڪمند جي فصل ۾ 8.7 سيڪڙو ۽ مڪئي جي پيداوار ۾ هڪ سيڪڙو اضافو ٿيو. هن چيو ته گيهه جي درآمدي قيمت ۾ اضافو ٿيو آهي، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته ان وقت پام آئل جي قيمت 500 ڊالر جي ويجهو هئي جيڪا هاڻي 1200 ڊالر کان وڌيڪ آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته مشينري جي درآمدات مثبت اڳڀرائي آهي، ان مان خبر پئجي رهي آهي ته پاڪستان جي ٽيڪسٽائيل انڊسٽري ترقي ڪري رهي آهي. هن چيو ته سمنڊ پار پاڪستانين ساڍا 3 هزار ارب رپيا پاڪستان موڪليا آهن. مٽاسٽا جي ناڻي ۾ رڪارڊ اضافو ٿيو آهي. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته اسحاق ڊار جعلي طريقي سان ڊالر جي مقابلي ۾ رپئي جي قدر کي ??ستحڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان ان جي ابتڙ اسٽيٽ بئنڪ جي بهتر پاليسين جي ڪري رپئي کي ان جي اصل قدر تي مستحڪم رکيو آهي. هن چيو ته تمباڪو پوکيءَ ڪندڙ آبادگارن جي ??اء?? تمباڪو جي فصل جي قيمت 245 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي وئي آهي. هن چيو ته اعليٰ عدليه جي حڪمن جي ڏس ۾ ڪابينا اسلام آباد ۾ بجلي ۽ گئس جا نوان ميٽرز هڻڻ ۾ درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪم??ٽي جون سفارشون منظور ڪيون. هن ٻڌايو ته ڪابينا صحت واري ??فاقي وزارت جي سفارش تي عاصم رئوف کي بطور سي اي او ڊرگ ريگيوليٽري اٿارٽي مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. هن چيو ته ڪابينا اسٽيٽ اينڊ فرنٽيئر ريجنز واري ??زارت سان لاڳاپيل رولز آف بزنس ۾ ترميم ڪرڻ جي منظوري ڏني. اها ترميم اڳوڻي قبائلي علائقن جي انضمام جي ڏس ۾ ڪئي وئي آهي. هن چيو ته ڪابينا قومي بين المذاهب هم آهنگي پاليسي جي مسودي جي منظوري ??لتوي ڪري ڇڏي آهي، پاليسي تي ٻين وزارتن کان راءِ ورتي ويندي. هن چيو ته ڪابينا پاڻي وسيلن واري ??زارت جي سفارش تي محمد يوسف کي ديامير ڀاشا ڊيم ڪم??ٽي جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي اضافي چارج ٽن مهينن ??اء?? ڏيڻ جي منظوري ڏني. اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته ڪابينا اقتصادي رابطا ڪم??ٽي جي 21 ۽ 24 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاسن م ڪيل فيصلن جي توثيق ڪئي آهي. انهن فيصلن ۾ ستين آدمشماري جي ??اء?? 5 ارب رپين جي منظوري، افغانستان ۾ هنگامي صورتحال جي ڏس ۾ برآمدات جي سيمپلز ڪوٽا ۾ اضافي، چونڊ شين جي پاڪستان مان افغانستان برآمد تي پاڪستاني ڪرنسي ۾ ادائيگي ڪرڻ جي منظوري، اسمگلنگ جي روڪٿام جي ??اء?? افغانستان مان چلغوزي جي درآمد تي 45 سيڪڙو ريگيوليٽري ڊيوٽي جو خاتمو، ڪامياب پاڪستان پروگرام جي مانيٽرنگ جي ??اء?? ٿرڊ پارٽي سروس جي منظوري، داسو وٽ بلاڪ چيني انجنيئرز جي ??اء?? 11.6 ملين ڊالر معاوضي جي منظوري، فائيو جي لائيسنس جاري ڪرڻ جي ??اء?? خصوصي ايدوائيزري ڪم??ٽي قائم ڪرڻ شامل هو. ڪابينا ڪم??ٽي ۾ آءِ ٽي ماهر شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي. هن چيو ته ڪابينا قانون بابت ڪم??ٽي جي 19 جنوري 2022ع تي ٿيندڙ اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي پڻ توثيق ڏني. انهن فيصلن ۾ ٽريڊ آرگنائيزيشن ايڪٽ 2013ع ۾ ترميم، فيڊرل گورنمينٽ پراپرٽيز مئنيجمينٽ اٿارٽي رولز 2021ع، نيشنل ڪميشن آن رائيٽس آف چائلڊز ۾ ڀرتي جي قانونن، پرائس ڪنٽرول اينڊ پروينشن آف پرافٽيئرنگ اينڊ بورڊنگ ايڪٽ 1977ع ۾ ترميم، سينيٽ چونڊن ۾ ڪرپٽ پريڪٽسز جي خاتمي ??اء?? اليڪشن (ٻي ترميم) بل 2021ع، پاڪستان بيورو آف شماريات جي گورننگ ڪائونسل جي جوڙجڪ ۾ ترميم، حج ۽ عمري (ريگيوليشنز) ايڪٽ 2021ع مسودي ۽ ڪريمنل لاء ريفارمز جي منظوري شامل آهي. هن چيو ته ڪابينا فيصل شير جان کي بطور ايگزيڪيوٽو ميمبر پيمرا مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. ان کانسواءِ ڪابي??ا کي سرڪاري ??عاملن ۾ بهتري آڻڻ جي ??اء?? بهترين ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ وفاقي ڊويزنن کي بونس ڏيڻ جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي، 80 سيڪڙو هدف حاصل ڪندڙ ڊويزنون بونس ??اء?? اهل هونديون. 100 سيڪڙو هدف حاصل ڪرڻ تي ڊويزن کي چار بونس ڏنا ويندا، پهرين مرحلي ۾ بونس اسڪيم وفاقي وزارتن جي سول سرونٽس جي ??اء?? هوندي جنهن کانپوءِ ذيلي ادارن ۽ ڪانٽريڪٽ ملازم به بهترين ڪارڪردگي ڏيکارڻ تي بونس جي ??اء?? اهل هوندا. هڪ سوال تي هن چيو ته شهزاد اڪبر تمام گهڻي محنت ۽ همت سان معاملا کي ??نهن ڏنو، هو مضبوط ماڻهو آهي، ان جو متبادل جيڪو به ايندو ان جي ??اء?? چئلينجز موجود هوندا. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته چوڌري شجاعت هسين بزرگ سياستدان آهي، هو سدائين وڏي فهم واري ڳالهه ڪندو آهي، اسان سندس راءِ جو احترام ڪريون ٿا، سندس ڳالهه کي ڌيان سان ٻڌون ٿا، (ق) ليگ جا دوست به اسان جا ايڊوائيزر آهن. پي ڊي ايم سربراهه اجلاس جي حوالي سان سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري ??فاقي وزير چيو ته “تير چلي گا نه تلوار ان سي، يه بازو ميري آزمائي هوئي هين”.