اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي ??ي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ هيري ريڊ ??ي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. هيري ريڊ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سينيٽر هيري ريڊ ??ي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، هو پاڪستان جو تمام سٺو دوست ??و. صدر ياد ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪوشش جي سلسلي ۾ آمريڪا ??ي دوري تي ويا هئا ته مرحوم سينيٽر وڏي شاندار انداز ۾ آمريڪي سينيٽرز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.