اسلام آباد – 18 ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان عالمي برادري جو ڌيان افغانستان جي صورتحال طرف ڇڪرائڻ جي لاءِ مسلسل ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ افغانستان جي ويجهي پاڙيسري ملڪ هجڻ جي ناطي، افغان ڀائرن جي انساني بنيادن تي امداد جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. هن اها ڳالهه ??رڏ??هي وزارت ۾ افغانستان جي عبوري ??رڏ??هي وزير امير خان متقي سان ملاقات دوران چئي. هن چيو ته او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جو غيرمعمولي اجلاس منعقد ٿيڻ انهن ئي ڪوششن جي هڪ ڪڙيءَ آهي، اسان ان اجلاس جي ذريعي عالمي برادري کي پيغام ڏئي رهيا آهيون ته ماضي جي غلطين مان سبق سکندي افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي لاءِ اڳتي وڌي. ??رڏ??هي وزير چيو ته افغانستان ۾ اجتماعيت رکندڙ حڪومت بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي پاسداري افغان حڪومت جي مفاد ۾ آهي. هن چيو ته مون پنهنجي ڪابل جي دوري دوران پاڪستان پاران خيرسگالي جذبي تحت 5 ارب جي امداد جو اعلان ڪيو. هن چيو ته مون کي اهو ٻڌائيندي خوشي ٿي رهي آهي ته اسان افغانستان جي لاءِ خوراڪ، دوائن بشمول 50 هزار ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ جي صورت ۾ انساني امداد جي فراهمي جا انتظام مڪمل ڪري ورتا آهن. اسان جي ٽيم افغانستان ۾ پاڪستان جي معاونت سان هلندڙ ٽن اسپتالن جي دوري جي لا??ِ جلد ڪابل پهچندي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ايندڙ سال مارچ ۾ او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي 39 هين اجلاس جي ميزباني جي لاءِ تيار آهي، هڪ ٻئي پٺيان ٻن او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاسن جي ميزباني مسلمان امت کي درپيش مسئلن جي حل لاءِ پاڪستان جي سنجيدگي جو اظهار آهي. ??رڏ??هي وزير چيو ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ امن قائم ٿيڻ جي اميد اهميت رکي ٿي ان کي ضايع ٿيڻ نه گهرجي. افغانستان جو معاشي انهدام سڀني جي لاءِ هڪ جهڙن نقصانن جو سبب هوندو. هن چيو ته پاڪستان افغانستان جي اڀرندڙ المناڪ معاشي صورتحال طرف عالمي برادري جو ڌيان ڇڪرائڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪري رهيو آهي. اسان ڪشمير مسئلي جي حوالي سان او آءِ سي جي مسلسل ۽ اڻٿڪ حمايت جا ٿورائتا آهيون. افغان نگران ??رڏ??هي وزير امير خان متقي او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس ۾ گهرائڻ تي ??رڏ??هي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي جا ٿورا مڃيا.