اسلام آباد – 15 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين ۽ صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو آهي ته پاڪستان کي مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي، مضبوط انڊسٽريل بيس کانسواءِ اسان معاشي مسئلن کان ٻاهر نٿا نڪري سگهون، اسان کي امپورٽ اڪانامي کان ٻاهر نڪرڻو پوندو، وفاقي ڪابينا ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن (ايس ايم ايز) جي لا??ِ پاليسي منظوري ڏني آهي، ايس ايم اي شع??ي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن، جڏهن ته لا??ج اسڪيل، مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار جي لڳ ڀڳ مينيوفيڪچرنگ يونٽس موجود آهن، 78 سيڪڙو روزگار ايس ايم اي سيڪٽر سان ڳنڍيل آهي، ايس ايم ايز کي ٽن درجن لوئر رسڪ، ميڊيم رسڪ ۽ هاءِ رسڪ ۾ ورهايو ويو آهي، نئون ڪاروبار شروع ڪندڙن کي ا??ن او سي کي حاصل ڪرڻ ۾ آساني ٿيندي، اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته اسان ملڪي معيشت ۾ تمام وڏي تبديلي آندي آهي، اسان پوري اڪانامي جو ڀاڙڻ آمدني واپار تي هو، دبئي ۽ سنگاپور وانگر اسان آ??دني واپار تي گذارو نٿا ڪري سگهون، پاڪستان کي هڪ مضبوط صنعتي بنياد جي ضرورت آهي، هن چيو ته اسان 22 ڪروڙ عوام جو ملڪ آهيون، اسان ملڪ ۾ مضبوط انڊسٽريل بيس نه ڏئي سگهياسين ته معاشي مسئلن کان ٻاهر نه نڪري سگهنداسين، هن چيو ته واپار واري وزارت پاليسي ترتيب ڏني آهي، جنهن سان ايس ايم اي سيڪٽر ۾ سهولتون مهيا ڪيون ويون آ??ن، ان موقعي تي صنعت ۽ پيداوار واري وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو ته وفاقي ڪابينا ۽ پنجاب حڪومت پهريون ڀيرو ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروباري ادارن جي شع??ي (ايس ايم ايز) جي لا??ِ پاليسي منظور ڪئي آهي، ايس ايم اي جي شع??ي ۾ 10 لک کان وڌيڪ ادارا ڪم ڪري رهيا آهن جڏهن ته لا??ج اسڪيل مينيوفيڪچرنگ ۾ 4 هزار مينيوفيڪچرنگ يونٽس موجود آهن، 78 نوڪريون ايس ايم ايس سيڪٽر ۾ آهن، ايس ايم اي کي ٽن درجن ۾ ورهايو ويو آهي، نئين ڪاروبار شروع ڪندڙن کي ا??ن او سي کان آزادي ملي وئي، ايس ايم اي ڪاروبار ڪندڙن کي خصوصي مراعتون ڏينداسين، ايس ايم اي جي شع??ي ۾ ڪاروبار ڪندڙ عورتن کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو خصوصي رعايت ڏني ويندي. ايس ايم اي جي شع??ي تائين پهچ لا??ِ 23 ارب روپيا مختص ڪيا ويا آهن، ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ايس ايم ايز لا??ِ 42 سئو ايڪڙ زمين مختص ڪئي وئي آهي، جتي 19 هزار 500 پلاٽ آسان قسطن تي فراهم ڪيا ويندا. ايس ايم ايز کي ا??ن او سيز کي حاصل ڪرڻ جي ڊگهي طريقيڪار کان نجات حاصل هوندي، وفاقي وزير مخدوم خسرو بختيار چيو ته وفاقي حڪومت پهريون ڀيرو ايس ايم اي پاليسي منظور ڪئي آهي، ايس ايم اي پاليسي تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪسن ۾ 57 سيڪڙو کان 83 سيڪڙو تائين خصوصي رعايت ڏني ويندي ته جيئن نه رڳو پيداواري لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي.پاڪستان ۾ گهٽ ۾ گهٽ 50 لک 20 هزار جي لڳ ڀڳ معاشي يونٽ موجود آهن جنهن مان 99 سيڪڙو يونٽس ننڍا ۽ وچولي درجا جي ڪاروبار تي مشتمل آهن. عوام جي معاشي ۽ سماجي خوشحالي ۽ ملڪ جي مجموعي معاشي ترقي ۾ ان جو ڪردار تمام اهم آهي. هن چيو ته اهو ڪاروبار نه رڳو روزگار جي فراهمي جو بنيادي ذريعو آهن پر جي ڊي پي جو 40 سيڪڙو حصو ۽ روانگي واپار جو به 25 سيڪڙو حصو ان ڪاروبار مان ايندو آهي. ننڍي ۽ وڏي معاشي سرگرمين ۾ خصوصي اهميت جي حامل هجڻ جي باوجود ماضي ۾ انهن ڪاروبارن جي ڀلائي لا??ِ حڪومتي سطح تي قابل ذڪر ڪوششون نظر نه آيون، هن چيو ته موجوده حڪومت ڄاڻايل ڪاروبار کي هر قسم جون مراعتون فراهم ڪري ان کي خودمختياري ڏيڻ لا??ِ ڪوششون ڪري رهي آهي، نيشنل ايس ايم اي پاليسي 2021ع انهي سلسلي جي هڪ ڪڙي آهي. ان پاليسي جو مرڪزي مقصد ننڍي ۽ وچولي طبقي جو ڪاروبار ڪندڙن لا??ِ آسانيون پيدا ڪرڻ آهي، هن چيو ته ان پاليسي تحت ايس ايم ايز جي قيام کان وٺي مصنوعات ۽ خدمتن جي فراهمي تائين، هر قدم تي ڪيتريون ئي سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ڪاروبار جي آغاز جي حوصلا افزائي لا??ِ ايس ايم ايز لا??ِ صنعتي زونز ۾ 4200 ايڪڙ زمين جي خصوصي الاٽمينٽ ڪئي ويندي، جيڪا برابري جي بنيادن تي ورهائي ويندي، شروع جي لاڳت گهٽ ڪرڻ لا??ِ مختلف قدم کنيا ويندا، جنهن ۾ لينڊ ليز ماڊل تي زمين جي فراهمي به شامل آهي، وفاقي وزير چيو ته مخصوص صنعتن کي ا??ن او سي جي جنجهٽ کان به آزاد ڪيو ويندو، موجوده ۽ نئ??ن ايس ايم ايز جي حوصلا افزائي لا??ِ ايس ايم اي پاليسي 2021ع تحت نئين ريگوليٽري سڌارن کي لاڳو ڪيو ويندو جنهن تحت مشڪل ۽ ناڪاره نظام کان ڇوٽڪارو حاصل ڪري ڪاروبار ۾ آسانيون پيدا ڪيون وينديون. ايس ايم اي پاليسي تحت پيداواري ڪاروبارن کي ٽيڪسن ۾ 57 کان 83 سيڪڙو تائين خصوصي رعايت ڏني ويندي. ته جيئن نه رڳو پيداواري لاڳت گهٽ ٿئي پر پرافٽ مارجن به وڌي سگهي. هن چيو ته عورتن جي حوصلا افزائي جي لا??ِ عورتون ڪاروباري ۽ انٽرپرينيورز کي ٽيڪس ۾ 25 سيڪڙو ڇوٽ ڏني ويندي، وڌيڪ ايس ايم ايز جي لا??ِ ڪچي مال جي درآمد ۽ تيار ٿيل مصنوعات جي برآمد ۾ به حڪومتي سطح تي مدد فراهم ڪئي ويندي، غير رسمي ڪاروبارن تي ليبر لا?? لاڳو ناهن ٿيندا، جنهن جي ڪري انهن جو سماجي تحفظ تمام مشڪل ٿي ويندي آهي، نيشنل ايس ايم اي پاليسي تحت انهن جي معاشي ڌارا ۾ شموليت آسان بڻائڻ لا??ِ نه رڳو انهن تي ٽيڪس جي شرح گهٽ ڪئي ويندي پر شفاف اي انسپيڪشن جو نظام به متعارف ڪرايو ويندو جنهن سان انسپيڪشن آ??يسرن جا صوابديدي اختيار گهٽ ٿي ويندا ۽ صنعتڪارن جي هراسگي جا امڪان نه رهندا، ان کانسواءِ سڀني گهربل تصديقي سرٽيفڪيٽ مقرر وقت ۾ ملڻ لڳندا، مخدوم خسرو بختيار چيو ته ڪاروبار ۾ توسيع به هاڻي ننڍي ۽ وچولي درجي جي ڪاروبارن لا??ِ مشڪل نه رهندي ڇاڪاڻ جو ماضي جي ابتڙ ايس ايم اي جي پاليسي 2021ع تحت ايس ايم اي آسان فنانس اسڪيم متعارف ڪرائي پئي وڃي جنهن جي ذريعي ايس ايم ايز کي هڪ ڪروڙ تائين بنا ضمانت قرض فراهم ڪيا ويندا، ايس ايم ايز جي منڊين ۽ صارفين تائين پهچ آسان بڻائڻ لا??ِ به اي ڪامرس آن لا??ن بزنس ۽ مقامي ۽ عالمي نمائشن ۾ شموليت جي خصوصي حوصلا افزائي ڪئي ويندي، وڌيڪ حڪومتي ڪانٽريڪٽ ۽ پبلڪ پروڪيورمينٽ ۾ ايس ايم ايز جي وڌ کان وڌ شموليت لا??ِ مخصوص ڪوٽا مختص ڪئي ويندي، ان پاليسي ۾ ايس ايم ايز جي ڀلائي جو جامع منصوبو موجود آهي، جنهن سان موجوده حڪومت جي ننڍي درجي جي ڪاروبارن کي سگهه پهچندي، جنهن سان ڪروڙين ماڻهن جو روزگار ڳنڍيل آهي. هن چيو ته ڪاروباري ماڻهن جي لا??ِ اها پاليسي نهايت خوش آئنده آهي، ايس ايم ايز جو فروغ نه رڳو بيروزگاري جي خاتمي ۾ اهم سنگ ميل ثابت ٿيندو پر قوم ۽ ملڪ جي معاشي خوشحالي جو به ضامن بڻجندو.