اسلام آباد – 26 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي پهچ وڌائڻ تي زور ڏنو آهي ته جيئن پوري ملڪ ۽ خاص طور تي پٺتي پيل ۽ ڏورانهن علائقن ۾ احتياط ۽ علاج جي خدمتن جي فراهمي کي يقيني بڻائي سگهجي. هن چيو ته ملڪ جي صحت ج?? شعبي کي طبي پيشيوار ماڻه?? ۽ ??يرا ميڊيڪل اسٽاف جي کوٽ جي ڪري مختلف چئلينجز درپيش آهن، اميد آهي ته صحتمند جوان پروگرام ڪميونٽي جي سطح تي خاص طور تي عورت?? ۽ ??ارن کي صحت ج??ن خدمتون فراهم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ وزيراعظم جي ڪامياب جوان پروگرام تحت صحتمند جوان پروجيڪٽ جي حوالي سان بريفنگ اجلاس دوران ڪيو. اجلاس ۾ وزيراعظم جي نوجوانن جي معاملن واري خاص معامن محمد عثمان ڊار?? گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ جي نمائندي ڊاڪٽر بختيار قادروف، پاپوليشن فنڊ جي نمائندن ۽ حڪومت ج?? اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ ڊاڪٽر بختيار قادروف صحتمند جوان پروگرام بابت آگاهه ڪيو ۽ ان ڳالهه تي روشني وڌي ??ه ان منصوبي جو مقصد نوجوانن جي شموليت ج?? ذريعي ماڻهن جي صحت ۽ ڀلائي کي فروغ ڏيڻ آهي. هن ٻڌايو ته صحتمند جوان پروگرام جا مقصد هيلٿ ڪوريج کي وڌائڻ ۽ نوجوانن جي لاءِ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ آهي. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته سيالڪوٽ کي ليڊي هيلٿ ورڪرز جي شموليت ۽ ڪميونٽي خدمتن تي ٻڌل سمارٽ نيٽ ورڪ جي ذريعي صحت ج?? ڪوريج کي وڌائڻ جي هڪ پائليٽ پراجيڪٽ جي لاءِ چونڊيو ويو آهي. صدر صحتمند جوان پراجيڪٽ ۾ تعاون وڌائڻ تي گڏيل قومن جي پاپوليشن فنڊ کي ساراهيو.