دبئي – 09 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته گڏيل ع??ب امارات ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ گڏيل ع??ب امارات جي وزيراعظم شيخ محمد بن راشد المڪتوم سان ملاقات دوران ڪيو. صدر گڏيل ع??ب امارات جي وزيراعظم کي دبئي ايڪسپو 2020ع جي ڪامياب افتتاح تي مبارڪباد ڏني. صدر چيو ته ايڪسپو 2020ع نه رڳو گڏيل ع??ب امارات پر پوري خطي جي لاءِ هڪ اهم ايونٽ آهي، دبئي ايڪسپو 2020ع خطي ۽ ٻين ملڪن کي ملٽي نيشنل ڪمپنين سان رابطن ۽ حصيداري قائم ڪرڻ جو هڪ منفرد موقعو فراهم ڪندو. هن گڏيل ع??ب امارات جي حڪومت ۽ ايڪسپو مئنيجمينٽ ٽيم جي زبردست ڪوششن کي ساراهيو جيڪي دنيا جي سڀ کان وڌيڪ متنوع ۽ وسيع پئماني تي حصو وٺندڙ نمائش جو اهتمام ڪري رهيا آهن، جيڪا 6 مهينن تائين لڳائي ويندي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل ع??ب امارات جي وزيراعظم کي ??اڪ??تان پويلين بابت ٻڌايو ۽ چيو ته ??اڪ??تان پويلين ??اڪ??تان جي لڪل ۽ دريافت ٿيل خزانن جي نمائش ڪندو. صدر اماراتي وزيراعظم کي گڏيل ع??ب امارات جي گولڊن جوبلي تقريبن تي پڻ مبارڪباد ڏني ۽ چيو ته گڏيل ع??ب امارات جي قيادت پنهنجي ملڪ کي علائقائي واپار، ٽرانسپورٽ، لاجسٽڪس، ٽيڪنالاجي ۽ سياحت جي مرڪز ۾ تبديل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي ۽ شيخ راشد المڪتوم افغانستان جي صورتحال سميت ٻطرفي ۽ علائقائي دل??سپي جي معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. صدر وزيراعظم کي ڀارتي غيرقانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قابض ڀارتي هٿياربند فوج پاران ڪشميري مسلمانن جي بنيادي انساني حقن جي مسلسل ۽ صريحن خلاف ورزين کان پڻ آگاهه ڪيو. صدر گڏيل ع??ب امارات ۾ 16 لک ??اڪ??تانين جي ميزباني تي گڏيل ع??ب امارات جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته گڏيل ع??ب امارات ۾ رهندڙ ??اڪ??تاني ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن کي ورجائيندي صدر ??اڪ??تان جي گڏيل ع??ب امارات سان سمورن شعبن ۾ ويجهي ۽ گهري تعاون جي خواهش کي ورجايو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گڏيل ع??ب امارات جو ٻن ڏينهن جو ٻطرفو دورو ڪري رهيو آهي. گڏيل ع??ب امارات جي وزيراعظم سان ملاقات کانپوءِ هن دبئي ايڪسپو 2020ع ۾ ??اڪ??تان پويلين جو باقاعده افتتاح ڪيو.