اسلام آباد – 26 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي برطانيا جي ٽن ڏينهن جي دوري تي لنڊن پهچي ويو آهي، هيٿرو ايئرپورٽ پهچڻ تي برطانيا ۾ پ??ڪس??ان جي هاءِ ڪمشنر معظم احمد خان ۽ نائب سفير ڊاڪٽر فيصل عزيز ۽ سفارتخاني جي سينيئر آفيسرن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. پرڏيهي وزير اڄ رات ????ڪس??ان هائوس ۾ منعقد آجياڻي ۾ شرڪت ڪندو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي برطانوي فارن افيئرز ڪميٽي جي سربراهه ۽ پارليامينٽ ميمبرن، برطانوي پرڏيهي وزي?? ا??زبيٿ ٽرس ۽ پ??ڪس??اني ڪميونٽي جي نمائنده شخصيتن سا?? ملاقات ??ڻ ڪندو. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، گهڻ رخي شعبن ۾ ٻطرفي تعاون ۽ اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ويندي. پرڏيهي وزير لنڊن ۾ ميڊيا نمائندن سا?? ڳالهه ٻولهه ڪندو ۽ پاڪ برطانيا لاڳاپن، اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي پ??ڪس??ان جي موقف کان آگاهه ڪندو. پرڏيهي وزير جو اهو برطانيا جو دورو ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اعليٰ سطحي رابطن جي فروغ جو مظهر آهي.