اسلام آباد – 17 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بلوچستا?? جي ڏورانهن علائق?? جي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ لاءِ طريقي ۽ ذريعا ڳولڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته حڪومت بلوچستا?? جي ترقي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ صوبي جي عوام کي درپيش مسئل?? جي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ آئل مارڪيٽنگ ڪمپني?? جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ توانائي وارو وفاقي وزير حماد اظهر، پيٽروليم وارو سيڪريٽري ڊاڪٽر ارشد محمود، پي ايس او جو مينيجنگ ڊائريڪٽر ۽ سي اي او سيد محمد طلحه ۽ ناميارين ڪمپني?? جي سربراهن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ بلوچستان کي اسمگل ٿيل تيل جا ملڪ جي معيشت تي اثر?? جي باري ۾ بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ت?? پاڙيسري ملڪن مان تيل جي اسمگلنگ جي ڪري ملڪي معيشت کي ساليانو 60 ارب جو نقصان برداشت ڪرڻو پوندو آهي، پي ايس او جي ايم ڊي اجلاس کي ٻڌايو ت?? سندس ادارو ماضي ۾ اسمگل ٿيل تيل تي ڀاڙيندڙ ضلعن کي تيل جي فراهمي کي يقيين بڻائڻ لاءِ سپلائي ٻيڻي ڪرڻ جا قدم کن??ا آهن، اجلاس۾ مڪران ڪوسٽل هاءِ وي پيٽرول پمپس قائم ڪرڻ تي زور ڏنو ويو ت?? جيئن گوادر ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سفر ڪندڙن کي سهولت ملي سگهي، اهڙي طرح گلگت ، اسڪردو ۽ سوات ۾ فيول اسٽوريج انفرااسٽرڪچر قائم ڪرڻ تي به زور ڏنو ويو ت?? جيئن مقامي آبادي کي تيل جي ضرورت کي پورو ڪرڻ سان گڏوگڏ انهن علائقن ۾ سياح?? جي وڌندڙ تعداد کي به سهولت ميسر اچي سگهي. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن حڪومت پاران تيل جي اسمگلنگ جي حوصلا شڪني لاءِ کن??ل قدمن کي ساراهيو.