اسلام آباد – 14 – سي??ٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان مقامي حڪومت کي جمهوريت جو بنيادي ڍانچو قرار ڏيندي لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪئي آهي ته اهي پنجاب ۾ بلدي??تي چونڊن جي فوري انعقاد جي لاءِ قدم کڻن. وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب ۾ بلدي??تي معاملن بابت اجلاس منعقد ٿيو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن اسد عمر، فواد چوڌري، شفقت محمود، مخدوم خسرو بختيار، غلام سرور خان، چوڌري طارق بشير چيما، مونس الاهي، پنجاب جي خوراڪ واري وزير عبدالعليم خان ۽ لاڳاپيل سي??يئر عملدارن شرڪت ڪئي. پنجاب جي بلديات واري وزير ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. پنجاب حڪومت وزيراعظم کي صوبي ۾ نئين لوڪل گورنمينٽ ماڊل تي بريفنگ ڏني. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته مقامي حڪومت جمهوريت جو بنيادي ڍانچو آهي. هن ان ڳالهه کي ورجايو ته مضبوط بلدي??تي نظام کانسواءِ جمهوريت نامڪمل آهي. وزيراعظ?? لاڳاپيل عملدارن کي هد??يت ڪئي ته اهي بلدي??تي نمائندن جي سڌوسنئون چونڊن کي يقيني بڻائين ۽ پنجاب ۾ بلدي??تي چونڊون فوري طور تي ڪرائڻ جي لاءِ قدم کڻن.