اسلام آباد – پهرين آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان عوام کي اپيل ڪئي آهي ته ڪورونا جي چوٿين لهر دوران ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. ”توهان جو وزيراعظم توهان سان گڏ“ پروگرام ۾ عوام جي سوالن جا سڌوسنئون جواب ڏيندي هن چيو ته پ??ڪس??ان ۾ ڪورونا جي چوٿين لهر آئي آهي، ڀارتي قسم جو اهو وائرس تيزي سان پکڙجي ٿو، عوام ماسڪ پائڻ سان گڏوگڏ حفاظتي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪري، پ??ڪس??ان ڪورونا جي خلاف صحيح ۽ وقت سر فيصلا ڪيا، پ??ڪس??ان انهن ٽ?? ملڪن ۾ شامل آهي جن ??هتر حڪمت عملي سان ڪورونا تي ضابطو آندو، حڪومت جي وقت سر ۽ صحيح فيصلن جي نتيجي ۾ عوام ۽ معيشت کي تحفظ فراهم ڪيو، ملڪ ۾ هيستائين 3 ڪروڙ کان وڌيڪ ماڻهن کي ڪورونا ويڪسين لڳائي وئي آهي.