اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، امن کي موقعو ڏيڻو پوندو، پاڪستان چاهي ٿو ته آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اف??ان??تان ۾ سمورن لاڳاپيل ڌرين جي نمائنده حڪومت قائم ٿئي، پرامن ا??عا??ستان، پاڪستان جي مفاد ۾ آهي، اف??ان??تان جي عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا هڪجهڙا موقعا ملڻ گهرجن، اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن جي پاڪستان ميزباني ڪري رهيو آهي، اڳوڻي فاٽا ۽ ٻين علائقن جي عوام ۽ افغانين جي وچ ۾ هزارين سال پراڻا لاڳاپا آهن، ان تاريخ کي ڪنهن صورت ۾ نظرانداز نٿا ڪري سگهون. هو پي اين سي اي ۾ ”پاڪ افغان ميڊيا ڪنڪليو“ کي خطاب ڪري رهيو هو. مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اف??ان??تان پاڪستان جو ڀائر ملڪ آهي، اها مڃيل حقيقت آهي جنهن کي تبديل نٿو ڪري سگهجي. پاڪستان ۽ اف??ان??تان کي هڪٻئي سان گڏ رهڻو آهي، هن چيو ته پاڪستان جي ڪوشش آهي ته اف??ان??تان جي اندر امن قائم ٿئي، آمريڪي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ هڪ اهڙي حڪومت قائم ٿئي جيڪا اف??ان??تان جي سمورن اسٽيڪ هولڊرز جي نمائنده حڪومت هجي. هن چيو ته ڪيترن ئي ڏهاڪن کان اف??ان??تان ۾ جنگ جي صورتحال هئي، ان صورتحال ۾ اف??ان??تان جا ماڻهو ترقي ۾ پوئتي رهجي ويا، هاڻي افغان عوام خاص طور تي نوجوانن کي ترقي جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جنهن اڄ به 30 لک افغان پناهگيرن کي پاڪستان جو حصو بڻايو آهي، افغاني هتي ڪاروبار ڪري رهيا آهن، ٻارن جون پاڻ ۾ شاديون ٿي چڪيون آهن، هن چيو ته پاڪستان جي موجوده حڪومت ۽ عمران خان اف??ان??تان ۾ افغان عوام جي مرضي واري حڪومت جي حمايت ڪن ٿا، هن چيو ته اسان چاهيون ٿا ته اف??ان??تان جي ميڊيا جي صلاحيت ۾ اضافي لاءِ تربيتي ويهڪن جو انعقاد ڪيو وڃي، ان ڏس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وزارت جون خدمتون حاضر آهن، هن چيو ته هڪٻئي سان ملاقاتن سان ڪميونيڪيشن گيپ ختم ۽ هڪٻئي کي سمجهڻ ۾ مدد ملندي آهي، هن چيو ته فيصل آباد ۾ وڏي تعداد ۾ افغاني ا??ند?? آهن ۽ مختلف قسم جي مصنوعات خريد ڪري پنهنجي ملڪ کڻي و??ند?? آهن، افغاني علاج لاءِ پاڪستان ۾ ا??ند?? آهن، پاڪستان پنهنجي دل کولي رکي آهي، هن چيو ته افغان مسئلي جو حل ڪو فوجي حل نه آهي، پاڪستان جي ڪوشش رهي ته ڳالهين جي ذريعي سموريون ڌريون اتفاق راءِ تي پهچن، وچ ايشيائي رياستن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي لاءِ اف??ان??تان جو اهم ڪردار آهي، پاڪستان ان ڏس ۾ ??ثب?? ڪوششون جاري رکيون آهن، هن چيو ته افغان ميڊيا تي امن اف??ان??تان جي حوالي سان پاڪستان جي عزم کي اجاگر ڪري ڇو ته پاڪستان اهو ملڪ آهي جيڪو افغان جنگ سبب متاثر ٿيو، اسان کي 150 ارب ڊالر جو معاشي نقصان کڻڻو پيو، 70 هزار جانيون ضايع ٿيون، اف??ان??تان ۾ لڳل باهه جا شعلا پاڪستان ۾ به ا??ند?? رهيا آهن، هن چيو ته هاڻي جنگ ڪنهن مسئلي جو حل نه آهي، هاڻي اسان کي امن کي موقعو ڏيڻو آهي. اميد آهي ته پاڪستان ۽ اف??ان??تان ميڊيا جو ??ثب?? ۽ اهم ڪردار موجود رهندو.