ڪراچي – 19 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽ?? عارف علوي معاشرتي ترقي جي لاءِ بطور اداري مسجدن جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته مسجدون نه رڳو اسلامي رسمن جي لاءِ هونديون آهن پر معاشرتي خدمت کي عوام تائين پهچائڻ جي لاءِ پڻ بهترين ذريعو آهن. صدر گورنر هائوس سنڌ ۾ دعوت اسلامي جي وف?? سان ڳالهائي رهيو هو. وف?? گرين پاڪستان ويزن بابت پنهنجي سرگرمين ۾ حڪومت کي تع??ون جي درخواست ڪئي. ڊاڪٽ?? عارف علوي وف?? جي ميمبرن تي پڻ زور ڏنو ته اهي پنهنجي معاشرتي ڪم سان گڏوگڏ عوام کي بيمارين کان بچاءُ بابت آگاهي فراهم ڪن.