اسلا?? آباد – 10 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موجوده حڪومت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي ڪري عالمي سيڙپڪار ڪمپنين جو پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان اعتماد بحال ٿيو آهي، مختلف شعبن ۾ منافع بخش سيڙپڪاري جي نتيجي ۾ معاشي ترقي ۽ روزگار جي ڀرپور امڪان روشن ٿي رهيا آهن. هن اهڙن خيالن جو اظهار ڪوڪا ڪولا لا??يسڪ جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن وزيراعظم سان ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۾ ترڪي جي سفير احسان مصطفيٰ يردڪل، صنعت وارو وزير مخدوم ??سر?? بختيار، وزيراعظم جو صلاحڪار عبدالرزاق دائود به شريڪ هئا، وفد ۾ ڪوڪا ڪو??ا آئسيڪ پاڪستان جو جنرل مينيجر احمت ڪرسدارتن، ڪوڪا ڪولا پاڪستان جو ڊائريڪٽر ۽ ڪارپوريٽ افيئرز مينيجر شامل هئا. وفد وزيراعظم کي ڪوڪا ڪولا ڪمپني پاران پاڪستان ۾ ڪيل سيڙپڪاري ۽ مستقبل ۾ ان سيڙپڪاري کي وڌيڪ وڌائڻ جي حوالي سان منصوبابندي تي آگاهه ڪيو، وفد وزيراعظم کي خيبرپختونخوا صوبي ۾ پنهنجي آئينده بيوريج پلانٽ جي منصوبي جي حوالي کان به آگاهه ڪندي ٻڌايو ته ان منصوبي جو سنگ بنياد عنقريب رکيو ويندو. ان نئين پلانٽ جي ڪري مقامي آبادي لا??ِ ملازمت جا سڌو سنوان ۽ اڻ سڌا موقعا، ذيلي صنعتن جي لا??ِ منافعي جا امڪان پيدا ٿيندا ۽ حڪومت پاڪستان جي روينيو ۾ اضافو ٿيندو.