اسلام آباد – 02 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دنيا ۾ ملڪ نه خطا ترقي ڪندا آهن، اقتصادي تعاون وڌائڻ ۽ واپار ۾ آسانين سان خطو ترقي ڪندو، اي سي ا?? ملڪن جي 45 ڪروڙ عوام جي خطي کي گڏجي ٺوس ڪري ??ڏي??ن ته اهو پاور هائوس بڻجي ويندو، افغانستان ۾ عدم استحڪام ۽ انتشار سان پورو خطو متاثر ٿيندو، اتحادي فوج جي نڪرڻ کانپوءِ اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا، اي سي ا?? ملڪن کي ا??غانستان ۾ امن جي لاءِ گڏيل ڪوششون ڪرڻ گهرجن، فلسطين ۽ والاريل ڪشمير بابت گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد نه ٿي ??هيو آهي، انهن ٻنهي ??طن ۾ انصاف نه ٿيڻ سان ماڻهن کي سخت تڪليف کي منهن ڏيڻو پيو آهي، موسمياتي تبديلي جي اثرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ فوري قدم نه کنيا ته خطا ۽ پوري دنيا کي خطرو لاحق هوندو. هن اهڙن خيالن جو اظهار اي سي ا?? پارلياماني اسيمبلي جي ٻي جنرل ڪانفرنس جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪي??.