اسلام آباد – 08 – مئي (اي ??ي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آئين جي آرٽيڪل 89 تحت تحفظ والدين آر??يننس 2021ع جاري ڪري ڇڏيو. آر??يننس جو مقصد ٻارن پاران والدين کي زبردستي گهرن مان ڪڍڻ جي خلاف تحفظ فراهم ڪرڻ آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب آر??يننس تحت والدين کي گهرن مان ڪڍڻ قابل سزا ڏوهه هو??دو. والدين کي گهرن مان ڪڍڻ تي هڪ سال تائين قيد، ڏنڊ يا ٻئي سزائون ڏنيون وينديون. گهر ٻارن جي ملڪيت هجڻ يا ڪرائي تي هجڻ جي صورت ۾ به والدين کي نه ٿو ڪڍي سگهجي. گ??ر والدين جي ملڪيت هجڻ جي صورت ۾ والدين کي ٻارن کي گهر مان ڪڍڻ جو اختيار هو??دو.