اسلام آباد – 08 اپريل (ا?? پي پي) وفاقي زرعي ڪميٽي (ايف سي اي) جو اجلاس غذائي تحفظ ۽ تحقيق واري وفاقي وزير سيد فخر امام جي صدارت ۾ منعقد ٿيو، ٿيندڙ اجلاس ۾ ربيع جي مند 21 -2020ع جي فصلن جو جائزو ۽ ربيع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا. ربيع جي فصلن جي جائزي دو??ان ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دو??ان ڪڻڪ ج?? پيداوار جو ڪاٿو 26.04 ملين ٽن آهي ??يڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 1.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، مجموعي طور تي 9.191 ملين، هيڪٽرز زمين تي ڪڻڪ پوکي وئي، ايف سي اي کي ٻڌايو ويو ته هلندڙ مند 21 -2020ع دو??ان پٽاٽي ج?? پيداوار جو ڪاٿو 5742.7 هزار ٽن آهي ??ڏهن ته 226.1 هزار هيڪٽرز تي پٽاٽو پوکيو و??و آهي، هلندڙ مند دو??ان پٽاٽي ج?? پيداوار ۽ گذريل سال جي مقابلي ۾ 829.7 سيڪڙو وڌيڪ آهي، اجلاس ۾ ٻين ضروري جنسن چڻن، دالين، بصر، ٽماٽي ج?? پيداوار جو به جائزو ورتو ويو، اجلاس ۾ ايندڙ مند خريف 22 -2021ع جي فصلن جا هدف مقرر ڪيا ويا، خريف دو??ان ڪپهه ج?? پيداوار جو هدف 10.5 ملين ڳٺڙيون مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 2.33 ملين هيڪٽرز تي ڪپهه جي پوک ڪئي ويندي، چانور ج?? پيداوار جو هدف 3.07 ملين مقرر ڪيو ويو، اجلاس دو??ان ٻين فصلن مڪئي، مڱ، ماش، مرچن جا هدف به مقرر ڪيا ويا، ايندڙ مند 22 -2021ع دو??ان ڪمند ج?? پيداوار جو هدف 74.84 ملين ٽن مقرر ڪيو ويو جڏهن ته 1.18 ملين هيڪٽرز رقبي تي ڪمند پوکي ويندي، خريف جي مند 22 -2021ع دو??ان زرعي شين جي صورتحال جو به جائزو ورتو ويو.