اسلام آباد – 17 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد سيڪيورٽي ڊائيلاگ جي افتت??حي سيشن ۾ پنهنجي نوعيت جي پهرين پاليسي ايڊوائيزري پو??ٽل جو افتتاح ڪري ڇڏيو آهي، اهو پو??ٽل 100 کان وڌيڪ ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ماهرن کي پاليسي سازي ۾ شامل ڪرڻ جي لاءِ نيشنل سيڪيورٽي ڊويزن تيار ڪيو آهي. ايڊوائيزري پو??ٽل جو افتتاح ڪندي وزيراعظم عمران خان ان قدم جي واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان جا نوجوان انتهائي باصلاحيت آهن پر انهن جو قدر نٿو ڪيو وڃي، هن چيو ته پو??ٽل جو قيام صحيح رخ ۾ هڪ قدم آهي.