اسلام آباد – 09 مارچ (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? آهي ته سينيٽ جي چيئرمين جي لاءِ مخالفن کان به ووٽ گهرڻ ويندس، جيڪو اليڪشن وڙهندو آهي اهو پُراعمتاد ئي هوندو آهي، مقابلو سخت آهي پر الله خير ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار ??ن پارليامينٽ هائوس ۾ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان گڏ ميڊيا سينٽر جي افتتاح جي موق??ي تي ڪيو. ان موق??ي تي سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چي?? ته سينيٽ اليڪشن جي لاءِ يوسف رضا گيلاني وٽ ووٽ گهرڻ وڃي سگهان ٿو ته پوءِ سڀني وٽ وڃي سگهان ٿو. ميڊيا پارليامينٽ جو حصو آهي ان لاءِ ان جي ضرورت جو خيال رکنداسين، هڪ دفعو ٻيهر سينيٽ چيئرمين جي اليڪشن وڙهڻ جي باري ۾ هڪ سوال جي جواب ۾ هن چي?? ته جيڪو اليڪشن ۾ لهندو آهي اهو پراعتماد ئي هوندو آهي. هن چي?? ته مقابلو ته سخت آهي، الله خير ڪندو.