اسلام آباد – 30 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان افغانستان جي واپار ۽ صنعت واري وزير ناصر احمد غورياني ملاقات ڪئي. جنهن ۾ ٻطرفي واپار جي فروغ سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين اهم معامل?? تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر ان موقعي تي ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان پنهنجي پراڻي ڀائراڻن ۽ دوستاڻن لاڳاپن کي وڏي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، موجوده پارليامينٽ افغانستان سان ٻطرفي تعاون ۽ واپاري ڪاٿي ۾ اضافي جي لاءِ ترجيحي بنياد?? تي قدم کڻي رهي آهي، سي پيڪ منصوبو خطي جي ترقي ۽ خوشحالي جو منصوبو آهي ۽ افغانستان ان منصوبي جي ڪري خطي جي ٻين ملڪن سا?? واپار جو گي?? وي ثابت ٿيندو.