اسلام آباد – 24 – ڊسمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي وچ ۾ پراڻا لاڳاپا خطي ??ي معاشي ۽ سماجي ترقي لاءِ نئين عهد ۾ داخل ٿي ويا آهن، پاڪستان چين سان گڏ پنهنجي بي مثال دوستي تي فخر ڪندو آهي، پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان گڏيل لاڳاپن ۾ وڌيڪ اضافو ٿيو آهي، ا??ڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۾ چين جي س??ير نونگ رونگ سان ڳالهائيندي جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفي لاڳاپن ۽ گڏيل دلچس??ي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.