اسلام آباد – 18 نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته مسلم ليگ (ن) ۽ پيپلزپارٽي جا اڳواڻ وڏي پئماني تي بدعنوانين ۽ مني لانڊرنگ ۾ ملوث رهيا آهن، مخالف ڌر سدائين اقتدار براءِ ڪاروبار ڪيو آهي عوام جي خدمت ناهي ڪئي، ??اڪ??تان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) حڪومت ملڪ مان مافيا ۽ بدعنواني جي لعنت جي خاتمي لاءِ اقتدار ۾ آئي آهي، جيڪڏ??ن ملڪ کي برباد ڪندڙن سان هٿ ملائي وٺون ته اها پي ٽي آءِ جي سياسي موت هوندي، مخالف ڌر پارٽين سان چونڊ، معاشي ۽ اداره جاتي سڌارن سميت عوام جا مسئلا حل ڪرڻ لاءِ ڳالهه ٿي سگهي ٿي پر حڪومت بدعنوان عنصرن سان احتساب جي معاملي تي ڪو به ٺاهه نه ڪندي، وزيراعظم عمران خان چو??ڊن کي شفاف بڻائڻ لاءِ اليڪٽرانڪ ووٽنگ ۽ شو آف هينڊ جي ڳالهه ڪئي آهي، مخالف ڌر پارٽيون جيڪڏ??ن چاهين ٿيون ته چونڊون تڪراري نه ٿين ته کين حڪومت جو ساٿ ڏيڻو پوندو، حڪومت کي مخالف ڌر جي جلسن سان ڪو به فرق نٿو پوي، پر جلسن سان ڪورونا وڌڻ ۽ ملڪي معيشت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي، مولانا فضل الرحمان جو سياسي مفاد لاءِ شبر زيدي جي بيان کي غلط رنگ ڏيڻ افسوسناڪ آهي، کيس معذرت ڪرڻ گهرجي، عوام کي ا??يل آهي ته هو ڪوورنا ايس او پيز تي عملدرآمد ڪري ذميدارن قوم هجڻ جو ثبوت ڏي، نجي ٽي وي چيئنل جي پروگرام ۾ خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي ??ن چيو ته پوري دنيا ۾ ڪورونا جي ٻي لهر وڌيڪ تيزي سان اٿي آهي ۽ ڪيترائي ملڪ بيهر ڪرفيو لڳائي ڇڏيو آهي، اين سي ا?? سي جي ا??گن اکرن کانپوءِ حڪومت پنهنجي جلسي ختم ڪيا ته جيئن عوام جي صحت جي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي، حڪومت وزيراعظم عمران خان جي فيصل آباد جي دوري دوران ان جو عملي مظاهرو به ڪري ڏيکاريو آهي،