اسلام آباد – 28 مئي (اي پي پي) ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪور??نا وائرس جا 2076 نوان ڪيس ۽ وڌيڪ 36 فوتگيون رپورٽ ٿيون آهن جڏهن ته 8 هزار 687 ماڻهن جا ٽيسٽ ڪيا ويا آهن، نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) جي تازي اپ ڊيٽ موجب سڄي ملڪ ۾ ڪور??نا وائرس جي اي??ٽو ڪيسز جو تعداد 39 هزار 736، تصديق ٿيل ڪيسن جو تعداد به 61 هزار 227 تائين پهچي ويو، گذريل 24 ڪلاڪن دوران 2076 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا، 36 فوتگين سان مجموعي فوتگيون 1260 ٿي ويون آهن، اين سي او سي موجب سنڌ مان سڀ کان وڌيڪ 24 هزار 206 ڪور??نا وائرس ??يسز رپورٽ ٿيا، پنجاب ۾ ڪور??نا وائرس ??يسز جو تعداد 22 هزار 37 تائين پهچي ويو آهي، خيبرپختونخوا ۾ ڪيسز جو تعداد 8 هزار 483 ۽ اسلام آباد ۾ 2015 ٿي ويو آهي، بلوچس??ان ۾ 3616، گلگت بلتس??ان ۾ 651 ڪيسز رپورت ٿيا، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪور??نا وائرس ??يسز جو تعداد 219 ٿي ويو، سڄي ملڪ ۾ هيستائين 20 هزار 231مريض مڪمل صحتياب ٿي ويا آهن.