اسلام آباد – 12 اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالم سڳورن ۽ عوام جي تعاون کي ساراهيندي ??يو آهي ته لاڪ ڊائون جا مثبت اثر پئجي رهيا آهن ۽ ڪورونا وائرس جي مريضن جي انگ وڌڻ جا جيڪي اندازا لڳايا ويا هئا ان کان انگ تمام گهٽ آهي، مقدس مهينو رمضان اچي رهيو آهي، مقدس مهيني ۾ به ??ما??ي فاصلي کي برقرار رکڻ جي ضرورت آهي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي هڪ ڏينهن جي دوري تي گلگت ب??تس??ان پهتو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي گلگت ۾ ڪورونا وائرس جي موجوده صورتحال جي سلسلي ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي ??لگت ب??تس??ان حڪومت ۽ انتظاميا کي ڪورونا وائرس جي خلاف قدمن تي مبارڪباد پيش ڪئي ته حڪومت ۽ انتظاميا جي محنت جو نتيجو آه?? جو گلگت ب??تس??ان ۾ ڪورونا وائرس جي 216 مريضن مان 67 مريض رهجي ويا آهن باقي سمورا صحتياب ٿي چڪا آهن.