اسلام آباد – 26 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي ا??لاس ۾ آرمي چيف جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي معاملي تي سپريم ڪورٽ جي آبزرويشن جو جائزو ورتو ويو ۽ آرٽيڪل 255 ?? ترميم ذريعي لفظ مدي ۾ واڌ جي ا??افي جي منظوري ڏني وئي. وفاقي ڪابينا وزيراعظم عمران خان جي پاڪ فوج جي سربراهه جنرل قمر جاويد باجوه جي ملازمت جي مدي ۾ واڌ جي فيصلي جي مڪمل حمايت ڪري ڇڏي آهي. وفاقي وزير شفقت محمود، شيخ رشيد احمد ۽ وزيراعظم جي ا??تساب بابت خصوصي معاون شهزاد اڪبر وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي هنگامي ا??لاس کانپوءِ پ?? آءِ ڊي ۾ صحافين کي بريفنگ ڏئي رهيا هئا. پيشيواراڻي تعليم ۽ تربيت واري وفاقي وزير شفقت محمود ڪابينا اجلاس جي حوالي سان ٻڌايو ته وفاقي ڪابينا جي هنگامي ا??لاس ۾ سپريم ڪورٽ جي پاڻمرادو نوٽيس، عدالت جي آبزرويشن ۽ نوٽيسز جاري ڪرڻ جي معاملي تي غور ڪيو ويو.