اسلام آباد – 23 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وز??ر خواجه محمد آصف چيو آهي ته آمريڪا ۽ خطي جي ملڪن کي والاريل ڪشمير ۾ ڀارتي فوج پاران انساني حقن جون خ??اف ورزيون بند ڪرائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ريڊيو پاڪستان موجب هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته پاڪستان خطي ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڀارت سان ڳالهين جو خواهشمند آهي جڏهن ته ڀارت کي اڳ ۾ و??ڪنگ بائونڊري تي اشتعال انگيز ڪارروايون بند ڪرڻ گهرجن جن ۾ ڪيترائي شهري شهيد ۽ زخمي ٿيا آهن.