اسلام آباد – 31 – مئي (اي پي پي) پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا باضابطا طور تي سفارتي لاڳاپا قائم ڪري ڇڏيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته پاڪستان ۽ سينٽ لوشيا جي وچ ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪرڻ جي لاءِ نيويارڪ ۾ گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل مشن ۾ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي. سفارتي لاڳاپن جي معاهدي تي گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير منير اڪرم ۽ سينٽ لوشيا مان ان جي هم منصب سفير مينيسا رامبلي لاڳاپيل ملڪن پاران گڏيل پڌرنامي تي صحيحون ڪيون. ترجمان چيو ته گذريل ٽن سالن دوران پاڪستان پالائو، ڪريباتي، ڊومينيڪ ريپبلڪ، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس ۽ ڊومينيڪا دولت مشترڪه سان سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا آهن. هن چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پنهنجي سفارتي پهچ کي وڌائڻ ۽ سڄي دنيا جي ملڪن سان تعاون کي وڌائڻ جي پختي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.