اسلام آباد – 10 جون (اي پي پي) ڪابينا جي اقتصادي را??طا ڪميٽي (اي سي سي) وفاقي حڪومت جي صحت واري شعبي جي ملازمن کي رسڪ الائونس (هڪ پگهار جي برابر) جي ادا??يگ?? لاءِ 480.556 ملين روپين جي منظوري سميت مختلف وزارتن ۽ ڊويزنن لاءِ ڪيترين ئي ٽيڪنيڪي ضمني گرانٽن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اقتصادي را??طا ڪميٽي ڪامياب جوان پروگرام جي اهم شرطن ۾ تبديلي جي منظوري به ڏني آهي، هاڻي ان پروگرام تحت هڪ لک کان وٺي 10 لک روپين تائين، 10 لک روپين کان وڌيڪ هڪ ڪروڙ روپين تائين ۽ هڪ ڪر??ڙ کان وٺي اڍائي ڪروڙ تائين جو قرض فراهم ڪري سگهبو. اجلاس ۾ ٽو ۽ ٿري وهيلز ۽ هيوي ڪمرشل گاڏين لاءِ اليڪٽرڪ وهيڪل پاليسي جي منظوري به ڏني وئي آهي، اقتصادي را??طا ڪميٽي جو اجلاس وزيراعظم جي ناڻي واري صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ جي صدارت ۾ منعقد ٿيو.