اسل??م آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته عوام جي معاشي مشڪلاتن کي نظر ۾ رکي حڪمت عملي جوڙي پئي وڃي، احساس ڪيش ايمرجنسي پروگرام سمورين سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي انتهائي شفافيت ۽ ميرٽ جي بنياد تي هلائي رهيا آهيون، ڪورونا رليف ٽائيگر فورس ۾ شموليت جي حوالي سان نوجوانن جو جذبو ساراهه جوڳو آهي، سياسي قيادت سرندي وارن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ هر مستحق تائين پهچڻ ۾ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن پي ٽي آءِ جي مرڪزي نائب صدر ۽ سنڌ اسيمبلي ۾ پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ سان ملاقات دوران ڪيو. حليم عادل شيخ وزيراعظم ک?? ڪورونا جي ڏس ۾ سنڌ صوبي جي مج??وعي صورتحال ۽ عوام ک?? درپيش مسئلن کان آگاهه ڪيو.