اسلام آباد – 12 نومبر (اي پي ??ي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خصوصي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته مولانا ۽ ان جا ساٿي منفي سوچ ختم ڪن ۽ جمهوري رويو اختيار ڪن، انهن کي ان ڳالهه جو ڏک آهي ته ملڪ ?? ڪجهه خاندانن بدران پهريون ڀيرو حقيقي عوامي راڄ ڇو قائم ٿيو آهي، وزيراعظم عمران خان معيشت صحيح رخ تي آڻي عوام جو روزگار ۽ ڪاروبار هلائڻ چاهي ٿو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته مولانا ۽ ان جا ساٿي منفي سوچ ختم ڪن ۽ جمهوري رويو اختيار ڪن، انهن کي ڏک آهي ته ملڪ ?? ڪجهه خاندانن بدران پهريون ڀيرو حقيقي عوامي راڄ ڇو قائم ٿيو آهي.